چانڊيو محمد حسن

چانڊيو، محمد حسن: نامور شاعر حاجي محمد حسن چانڊيو، 1910ع ڌاري ڳـوٺ ٻيلـهـاڻي، تـعلقـي ۽ ضلعي قـنـبـر- شهـدادڪـوٽ ۾ ڄائو. هيءُ نواب غيبي خان چانڊيي جي درٻار ۽ ڪچهري جو شاعر هو. نواب غيبي خان سان سندس والهانه محبت هئي. سندس ٻه ڪتاب: (1) ’مدحيات‘ (مدح) 1929ع ۽ (2) ’پاڪ دامن‘ (هاروت ۽ ماروت جو قصو) 1929ع ۾ شايع ٿيل آهن، جن ۾ غزل، ڪافيون، معجزا، مدحون، ڏور ۽ بيت شامل آهن، جيڪي اڪثر نواب غيبي خان جي ڪچهريءَ ۾ ٻڌائيندو هو. هن 1956ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو